آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو ھڪ نوٽيفڪيشن ايندو: قانون وارو وزير

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آھي تہ آئيني ترميم بعد آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو ھڪ ئي نوٽيفڪيشن  ايندو، جلد معاملا حل ٿي ويندا.

صحافين سان ڳالھائيندي اعظم نذير تارڙ جو چوڻ ھو تہ قانون پاس ٿي چڪو آھي، نوٽيفڪيشن اڃا بہ ان سان جڙيل معاملو آھي.

قانون واري وفاقي وزير جو چوڻ ھو تہ نوٽيفڪيشن جي حوالي سان اھڙو ڪجھ  ناھي تہ معاملا رڪجي ويا آھن.

ھن چيو تہ وزيراعظم ڏيھ واپس ايندو تہ  دفاع واري وزارت معاملا اڳتي وڌائيندي.

ياد رھي تہ 29 نومبر جي اھم ڊيڊ لائن گذرڻ باوجود حڪومت پاران ملڪ جي پھرين چيف آف ڊفينس فورسز( سي ڊي ايف) جي مقرري  جو نوٽيفڪيشن جاري نہ ڪرڻ تي سوال اٿڻ لڳا آھن.

آرمي چيف جي عهدي سان گڏيل هي نئون عهدو 27هين آئيني ترميم تحت ٺاهيو ويو هو، ھي عھدو ختم ڪيل چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي جاءِ وٺي رھيو آهي، سي جي سي ايس سي جو عھدو 27 نومبر تي باضابطا طور تي ختم ٿي ويو ھو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں