اسلام آباد: قومي اسيمبلي 27ھين آئيني ترميم کانپوءِ آرمي ايڪٽ 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
تجويز ڪيل آرمي ايڪٽ موجب آرمي چيف جو چيف آف ڊفينس فورسز جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، نئين نوٽيفڪيشن کانپوءِ آرمي چيف جي ملازمت جو مدو ٻيھر نئين سر شروع ٿيندو.
آرمي ايڪٽ ۾ چيو ويو آھي تہ آرمي چيف، چيف آف ڊفينس پاڪ فوج جي سمورن شعبن جي ٻيھر جوڙجڪ ڪندو، وزيراعظم آرمي چيف، چيف آف ڊفينس جي سفارش تي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽيجڪ ڪمانڊ مقرر ڪندو.
آرمي ايڪٽ موجب ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽيجڪ ڪمانڊ جو مدو 3 سال ھوندو، ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽيجڪ ڪمانڊ کي ٻيھر بہ 3 سالن لاءِ مقرر ڪري سگھبو.
آرمي ايڪٽ ۾ چيو ويو آھي تہ 27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي جو عھدو ختم ٿي ويندو.
قانون واري وزير جو چوڻ آھي تہ آرمي چيف ھاڻي چيف آف ڊفينس فورسز بہ ھوندو، عھدي جو مدو 5 سال ھوندو،وزيراعظم چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري ڪندو