پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوينٽي سيريز جي آخري ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي 13 رنس تان شڪست ڏئي سيريز پنھنجي نالي ڪري ورتي آھي.
آمريڪي رياست فلوريڊا جي شھر لائوڊر ھل ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
صائم ايوب ۽ صاحبزادھ فرحان جي شاندار ھاف سينچريز جي ڪري پاڪستان مقرر ڪيل 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنس ٺاھيون ۽ ويسٽ انڊيز کي 190 رنس جو ھدف ڏنو ويو.
صاحبزادھ فرحان 74 ۽ صائم ايوب 66 رنس ٺاھي ٽاپ اسڪورر رھيا. حسن نواز 15 ۽ محمد حارث 2 رنس ٺاھي آئوٽ ٿيا. خوشدل شاھ 11 ۽ فھيم اشرف 10 رنس ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيا.
ويسٽ انڊيز پاران جيسن ھولڊر، روسٽن چيز ۽ شمار جوزف ھڪ ھڪ وڪيٽ ورتي.
وڪيٽون ڪرنديون رھيون

پاڪستان پاران ڏنل 190 رنس جو ھدف پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر ڪيل اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 176 رنس ٺاھي سگھي ۽ کيس 13 رنس تان شڪست جو منھن ڏسڻو پيو.
ويسٽ انڊيز جي اوپنرز پنھنجي ٽيم کي 44 رنس جو سٺو شروعاتي اسڪور ڏنو پر پوءِ وقفي وقفي سان وڪيٽس ڪرڻ سبب رنس ٺاھڻ جي رفتار گھٽجي وئي ۽ پاڪستاني بالرز بيٽنگ لائين تي ڇانيل نظر آيا.
ميزبان ٽيم جو ايلڪ اٿانازي 60 ۽ شرفان رد فورڊ 51 رنس ٺاھي ٽاپ اسڪورر رھيا، پر ھو ٽيم کي ڪاميابي نھ ڏياري سگھيا.
پاڪستاني اسپنرز ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي مھارت جو ثبوت ڏنو ۽ اھم موقعن تي وڪيٽس وٺي ميچ جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو.
محسن نقوي جون واڌايون
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ آمريڪا ۾ ويسٽ انڊيز خلاف شاندار ٽي ٽوينٽي سيريز کٽڻ تي قومي ٽيم کي واڌايون ڏنيون.
محسن نقوي پنھنجي بيان ۾ چيو تھ ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوينٽي سيريز دوران زبردست ٽيم ورڪ، عزم ۽ جذبي جو اظھار ڪيو ويو.
ھن چيو تھ بين الاقوامي سرزمين تي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪندڙ پنھنجن نوجوانن تي فخر آھي، ڪاميابين جو سلسلو جاري رکو!
سيريز جي ٻي ٽي ٽوينٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز سخت مقابلي بعد پاڪستان کي 2 وڪيٽس تان شڪست ڏني ھئي، ميزبان ٽيم آخري بال تي چوڪو ھڻي گھربل ھدف حاصل ڪيو ھو.
ان کان اڳ پھرين ٽي ٽوينٽي ۾ پاڪستان ميزبان ٽيم کي 14 رنس تان شڪست ڏني ھئي.
انڊونيشي ٻار وارو جشن وائرل
ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوينٽي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف پاران وڪيٽ وٺڻ بعد انڊونيشي ٻار جيان جشن ملھائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي.
واقعو پنجين اوور ۾ ان وقت پيش آيو، جڏھن حارث رئوف ويسٽ انڊيز جي وڪيٽ ڪيپر جيول اينڊريو کي 24 رنس تي آئوٽ ڪيو، اينڊريو پنھنجي ٽيم کي مضبوط شروعات فراھم ڪئي ھئي.
جيول اينڊريو جي وڪيٽ جي اھميت کي سمجھندي حارث رئوف سوشل ميڊيا تي وائرل ‘فارمنگ اورا’ انداز ۾ جشن ملھايو، سندس ان انداز ۾ خوشيءَ وچان جشن ملھائڻ واري اھا وڊيو ھن وقت انٽرنيٽ تي وائرل آھي.
گذريل مھيني انڊونيشيا جي ھڪ ٻار جي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ھئي، جنھن ٻيڙين جي ريس دوران پنھنجي ٽيم جو حوصلو وڌائڻ لاءِ منفرد قسم جي ڊانس ڪئي ھئي، جنھن کي ‘اورا فارمنگ’ جو نالو ڏنو ويو ھو.
انڊونيشي ٻار واري اھا منفرد ڊانس سموري دنيا ۾ مقبول ٿي ۽ ڪيترين ئي مشھور شخصيتن بھ ان ٽرينڊ کي اختيار ڪيو.