لائیو آبنائي ھرمز کولرائڻ لاءِ ٽرمپ جي اپيل تي دنيا خاموش، جاپان، آسٽريليا ۽ برطانيہ پاران سامونڊي جھاز موڪلڻ کان انڪار

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آبنائي ھرمز کولرائڻ لاءِ مدد واري اپيل تي جاپان، آسٽريليا ۽ برطانيہ پنھنجا سامونڊي جھاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.

برطانوي اخبار موجب برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر آبنائي ھرمز کولرائڻ لاءِ آمريڪي صدر جي مدد واري اپيل رد ڪندي صدر ٽرمپ کي منع ڪري ڇڏيو آھي.

برطانوي اخبار موجب وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ٽرمپ کي ٻڌايو تہ برطانيہ سامونڊي جھاز موڪلڻ لاءِ تيار ناھي .

ٻئي پاسي آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ ٽرمپ جي مدد واري اپيل تي دنيا خاموش آھي، جڏھن تہ جاپان پنهنجا سامونڊي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانھن چين بہ ٽرمپ جي مطالبي تي خاموش آھي.

جاپان ۽ آسٽريليا بہ انڪار ڪندي چيو آھي تہ آبنائي ھرمز کولرائڻ لاءِ نيوي موڪلڻ جو ارادو ناھي،  ڏکڻ ڪوريا جو چوڻ هو تہ ٽرمپ جي اپيل تي صورتحال جو ويجهڙائي کان جائزو وٺي رھيا آهيون.

جڏھن تہ فرانس علائقي ۾ پنهنجا سامونڊي جهاز موڪلڻ کان اڳ ئي انڪار ڪري چڪو آهي۔

ياد رھي تہ ٽرمپ ڇنڇر جي ڏينهن آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ چين سميت سڄي دنيا کان مدد طلب ڪئي هئي ۽ اميد ظاهر ڪئي هئي تہ چين سان گڏ فرانس، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، برطانيا ۽ ٻيا ملڪ بہ پنهنجا جنگي جهاز آبنائي هرمز ڏانهن موڪليندا۔……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں