آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ آبنائي ھرمز مان تيل وٺندڙ ملڪ ھن رستي جي سيڪيورٽي پاڻ يقيني بڻائين .
پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو تہ آمريڪا انهن ملڪن سان گڏ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي گذرگاهہ جي تحفظ لاءِ سھڪار ڪندو ۽ اهو هميشہ گڏيل ڪوشش هجڻ گهرجي۔
صدر چيو تہ ٻڌڻ ۾ آيو آهي تہ ايراني سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي هاڻي زنده ناهي رھيو، پر مجتبیٰ خامنہ اي جي موت جي خبر افواهہ به ٿي سگهي ٿي۔
ھن دعويٰ ڪئي تہ ايران تڪرار ختم ڪرڻ چاھي ٿو پر ڊيل نٿو ڪرڻ چاھي، ايران پاران پيش ڪيل شرطون سٺيون نہ آهن۔
ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايران اڃا تائين آمريڪا جي شرطن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آمريڪا ايران کي فوجي ۽ معاشي طور مڪمل شڪست ڏئي ڇڏيو آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ خارگ ٻيٽ جو وڏو حصو مڪمل طور تباهہ ڪيو ويو آهي، پر شايد اتي تفريح لاءِ ڪجهہ وڌيڪ حملا ڪيا وڃن۔…..