آبنائي هرمز تي اڳڀرائي سان ايران-آمريڪا ڳالهين جي راهه هموار ٿيندي: پاڪستان جي پرڏيهي آفيس

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته آبنائي هرمز بابت ٿيندڙ اڳڀرائي سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.

هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته آبنائي هرمز بابت اتفاق راءِ کانپوءِ اسلام آباد مفاهمتي فريم ورڪ تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي ٿيندي.

هن چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جي ڳالهين جي بحالي جي حمايت ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڪوششن ۾ پنهنجو فعال ڪردار جاري رکندو.

ترجمان موجب پاڪستان، قطر، عمان ۽ ٻين برادر ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن لاءِ گڏيل سفارتي ڪوششون جاري رکي رهيو آهي، جڏهن ته آبنائي هرمز جي بحران دوران برادر ملڪن اهم سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪيو.

طاهر اندرابي چيو ته عمان آبنائي هرمز جي معاملي ۾ مثبت ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان به خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ برادر ملڪن سان سفارتي سهڪار جاري رکندو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ايراني پرڏيهي وزير کي ملڪ جي دوري جي دعوت ڏني آهي، جڏهن ته ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر کي دعوت بابت تصديق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڪندو.

غزه بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پائيدار امن لاءِ حماس جي غير هٿياربند ٿيڻ سان گڏ اسرائيل جو والاريل علائقن مان نڪرڻ به ضروري آهي. هن چيو ته غزه ۾ امن فوج مقرر ڪرڻ بابت في الحال ڳالهائڻ وقت کان اڳ آهي، جيڪڏهن ان حوالي سان ڪا باضابطه تجويز سامهون آئي ته پاڪستان ان جو جائزو وٺندو.

طاهر اندرابي واضح ڪيو ته پاڪستان بنگلاديش جي اندروني سياسي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري ۽ نه ئي ان ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڪو تبصرو ڪندو.

هن باب المندب ۾ واپاري جهازن تي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙا حملا بين الاقوامي قانون ۽ سامونڊي سلامتي جي خلاف ورزي آهن، جڏهن ته پاڪستان عالمي واپاري سامونڊي رستن جي تحفظ ۽ پاڪستان-سعودي عرب دفاعي سهڪار جي حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں