ڊبلن ( اسپورٽس نيوز ) آئرلينڊ جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان ويمنز ٽيم کي 11 رنسن سان هارائي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.
ڊبلن ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان فاطمه ثنا ٽاس کٽي آئرش ٽيم کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. ميزبان ٽيم 19.4 اوورز ۾ 142 رنس ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. آئرلينڊ جي بيٽر ايمي هنٽر 37 رنسن سان نمايان رھي.
جواب ۾ پاڪستاني ويمنز ٽيم 142 رنسن جي هدف پويان لڳندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 131 رنس ٺاهي سگهي.
فاطمه ثنا جي شاندار بولينگ
ميچ جي نمايان ڳالهه ڪپتان فاطمه ثنا جي شاندار بولنگ هئي، جنهن 26 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ورتيون، جيڪا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ سندس بهترين ڪارڪردگي آهي. ٻين پاڪستاني بولرن ۾ ڊيانا بيگ، سعديه اقبال، رامين شميم، ۽ نشره سنڌو هر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

فاطمه ثنا صرف بولنگ ۾ نه پر فيلڊنگ ۾ به نمايان رهي، هن 2 ڪيچز ورتيون ۽ هڪ رن آئوٽ به ڪيو، پر سندس ڪارڪردگي به پاڪستان کي شڪست کان نه بچائي سگهي.
اڌ ٽيم آئوٽ
پاکستاني بيٽرز کي اننگز جي شروعات کان ئي ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پيو رڳو 54 رنسن تي ٽيم جون 5 رانديگرڻيون آئوٽ ٿي ويون. منيبہ علي ۽ گل فيروزہ صرف 5-5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيون.
ان کان پوءِ به پاڪستان جون وڪيٽس وقفي وقفي سانڪرنديون رھنديون، سدره امين 15، عاليه رياض 14، ايمان فاطمه 4، ۽ فاطمه ثنا 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويون..
نتاليا پرويز 29 ۽ رامين شميم 27 رنسون ٺاهي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، پر ٽيم مقرر وقت ۾ 131 رنسن تي محدود رهي.
آئرلينڊ جي باؤلر اورلا پرينڊرگاسٽ 28 رنسن ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. باقي ٻه ميچز 8 ۽ 10 آگسٽ تي ڊبلن ۾ کيڏيون وينديون.
پاڪستان کي آئرلينڊ خلاف سرسي
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ مجموعي طور 19 ٽي ٽوئنٽي ميچون ٿي چڪيون آهن، جن مان پاڪستان 15 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. هن سيريز جي شروعات کان اڳ، آئرلينڊ رڳو 4 ميچون پاڪستان خلاف کٽيون هيون.
2023ع ۾ ٻنهي ٽيمن جو مقابلو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي 70 رنسن سان شڪست ڏني هئي.
ڪپتان فاطمه ثنا ميچ کانپوءِ بيان ڏيندي چيو ته، “اسان ايندڙ ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جيڪي غلطيون هن ميچ ۾ ٿيون، اهي ٻيهر نه ورجايو وينديون. هن شڪست کي تسليم ڪندي چيو ته، “هڪ سٺي پارٽنرشپ ميچ جو نتيجو تبديل ڪري سگهي پئي.