انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪئي وئي، جنھن موجب ڀارت جي شبمن گل جي پھرين پوزيشن برقرار آھي، جڏھن تھ پاڪستان جو بابراعظم ٻئي نمبر تي ٻئي نموبر تي موجود آھي، ويسٽ انڊيز جو شاپ ھوپ 2 درجا گھٽتائي سان ستين ۽ محمد رضوان 27ھين نمبر تي اچي ويو.
ون ڊي بالرز جي رينڪنگ
آءِ سي سي ون ڊي بالرز جي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڪيشو مھاراج پھرين نمبر تي اچي ويو، جڏھن تھ سريلنڪا جو مھيش ٿيڪشانا ٻئي نمبر تي اچي ويو، جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽين ۾ ڪو بھ پاڪستاني بالر شامل ناھي، فاسٽ بالر شاھين شاھھ آفريدي جي رينڪنگ 2 درجا گھٽجي وئي، ھو 16ھين نمبر تي ھليو ويو آھي، ويسٽ انڊيز جو جيڊن سيلز 17 درجا ترقي بعد 19ھين نمبر تي اچي ويوآھي.
بالرز جي ٽاپ ٽين پوزيشن ۾ڪا تبديل ناھي
آءِ سي سي طرفان جاري ون ڊي بالرز رينڪنگ ۾ ڪا بھ تبديلي ناھي ٿي، نميبيا جي برنارڊ شالٽر، افغانستان جو راشد خان، نيوزيلينڊ جو مچل سينٽر، ميٽ ھينري، سريلنڪا جو ونندو ھسار نگام ڀارت جو رويندرا جديجا ۽ آسٽريلا جو ايڊم زمپا چوٿين کان ستين پوزيشن تي موجود آھن، پاڪستان جو شاھين شاھھ آفريدي 15ھين ۽ ابرار احمد 18 درجا ترقي ماڻي 33ھعن نمبر تي اچي ويو.
ون ڊي آل رائونڊرز رينڪنگ
آءِ سي سي ون ڊي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ افغانستان جو عظمت اللھ عمرزئي پھرين پوزيشن تي موجود آھي، ھن رينڪنگ ۾ پاڪستان جو ڪو بھ رانديگر شامل ناھي، ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان ٽيم ۾ ڪو بھ رانديگر آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ پھرين يا ٻئي نمبر تي ناھي اچي سگھيو.
ورات ڪوھلي ۽ روحت شرما جا نالا 100 رانديگرن جي لسٽ مان غائب؟
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان روھت شرما ۽ ورات ڪولھي کي 100 رانديگرن جي لسٽ مان ئي گم ڪري ڇڏيو، آءِ سي سي طرفان بعد ۾ پنھنجي غلطي تسليم ڪندي وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو، گذريل ھفتي جي رپورٽ ۾ روحت ٻئي ۽ ورات ٽئين نمبر تي ھو، پر نئين لسٽ مان سندن نالي ئي غائب ٿي ويا، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران وضاحتي بيان سان گڏ ٻنھي رانديگرن جي پوزيشن بھ بحال ڪئي وئي.
اسڪواڊ کان ٻاھر ٿيل بابراعظم جي رينڪنگ ۾ پوزيشن برقرار..!
پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڳوڻي ڪپتان بابراعظم کي ايشيا ڪپ ۽ ٽي ملڪي سيريز جي اسڪواڊ ۾ شامل نھ ڪيو ھو، کيس ان کان اڳ بنگلاديش سيريز ۾ بھ شامل نھ ڪيو ويو ھو، ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي نھ ڏيکارڻ تي کيس ايشيا ڪپ ۽ ٽي ملڪي سيريز جي اسڪواڊ کان ٻاھر ڪيو ويو، تنھن باوجود قسمت جي ديوي بابراعظم تي مھربان آھي، ون ڊي رينڪنگ ۾ سندس ٻئي پوزيشن برقرار آھي، ان کان اڳ بھ بابراعظم جي رينڪنگ ۾ ٻئي پوزيشن ئي ھئي.
ڪيشو مھاراج جي بھترين بالنگ
ڏکڻ آفريڪا پھرين ون ڊي ميچ ۾ ڪيشو مھاراج جي بھترين بالنگ سبب آسٽريليا کي 98 رنس تان شڪست ڏني، ڪيشو مھاراج آسٽريليا خلاف ميچ ۾ 33
رنس ڏئي 5 وڪيٽس حاصل ڪيون، ناندري ۽ لنگي نيگيدي ٻھ ٻھ ۽ سبرائين ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جنھن بعد ڏکڻ آفريڪا کي ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ٿي وئي.