اسلام آباد : آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سنگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ قيد ھجڻ جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ چيئرمين فيصل سليم رحمان جي صدارت ھيٺ گھرو معاملن بابت سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پيش ٿي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو تہ پريا ڪماري کي اغوا ٿئي عرصو ٿي ويو آھي، کيس ڇو ناھي بازياب ڪرايو ويو؟ جنھن تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ٻڌايو تہ ھڪ ھزار ماڻھن کان جاچ ڪئي وئي آھي، اي آءِ ذريعي نينگري جون تصويرون ٺاھي مختلف علائقن ۾ بہ ڏنيون ويون آھن.
آءِ جي سنڌ چيو تہ خدشو آھي تہ پريا ڪماري کي جوابدارن ڪچي جي ڌاڙيلن تائين پھچائي ڇڏيو آھي، معاملي کي ڏسي رھيا آھيون، نينگري کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.