آءِ ايم ايم پاران پاڪستاني معيشت ۾ بھتري جو اعتراف

فہرستِ مضامین

آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشت ۾ سڌاري جو اعتراف ڪيو آھي

واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ ٻڌايو تہ اداري جو وفد 25 فيبروري کان پاڪستان جو دورو ڪندو۔

ھن چيو تہ وفد دوري دوران اي ايف ايف پروگرام جي ٽئين جائزي ۽ آر ايس ايف جي ٻئي جائزي تي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪندو۔

جولي ڪوزيڪ چيو تہ اي ايف ايف پروگرام تحت اختيار ڪيل پاليسين سان پاڪستان جي معيشت کي استحڪام مليو آهي۔

هن وڌيڪ ٻڌايو ته مالي سال 2025 دوران پاڪستان جي مالي ڪارڪردگي مضبوط رھي ۽ ملڪ جي ڊي پي جو 1.3 سيڪڙو بنيادي مالي سرپلس رھيو، جيڪو پروگرام جي هدفن موجب آهي۔

سندس موجب مهانگائي جي شرح بہ ڪنٽرول ۾ رھي، جڏھن تہ مالي سال 2025 ۾ پاڪستان 14 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس پڻ رڪارڊ ڪيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں