پاکستان ۽ آءِ ايم ايف مشن جي وچ ۾ ٽئين ڇھ ماهي اقتصادي جائزي جون ڳالھيون ٻئي ڏينھن بہ جاري آھن، آءِ ايم ايف جي ٽيم ٻئي ڏينهن بہ ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ اختيارين سان ٽيڪنيڪي سطح جون ڳالھيون ڪيون.
ذريعن موجب، وفد سان گڏ هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇھ ماهي لاءِ شيئر ڪيل ڊيٽا تي ڳالھيون ٿيون، وفد کي اسٽيٽ بئنڪ اختيارين پاران بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايم ايف وفد جون اڄ ۽ سڀاڻي بہ وڌيڪ اهم ملاقاتون شيڊول آهن، وفد اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن سان بہ ملاقات ڪئي، جڏهن تہ جمعي تي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي عهديدارن سان ملاقات پڻ رٿيل آھي.
آءِ ايم ايف وفد جي ڇنڇر تي اسلام آباد روانگي جو امڪان آهي، جتي ناڻي کاتي جي عملدارن سان ڳالھيون ٿينديون.
سومر کان آءِ ايم ايف وفد ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٽيڪنيڪي سطح جون باضابطہ ڳالھيون ٿينديون.