اسلام آباد : سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ گورننس بابت آءِ ايم ايف جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي لاڳاپيل ادارن کان سخت سوال ڪيا ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پڇاڻو ڪيو تہ ڪرپٽ ادارن خلاف ڪھڙي ڪارروائي ٿي؟
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت ھيٺ ٿيو، ميمبرن آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ وڏي ڪرپشن بابت رپورٽ تي بحث ڪيو، ميمبرن رپورٽ ۾ ٻڌايل مختلف شعبن ۾ سامھون ايندڙ وڏي ڪرپشن اسڪينڊلز تي شديد ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.
سينيٽر دلاور خان چيو تہ آءِ ايم ايف ملڪ ۾ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جي نشاندھي ڪئي آھي، رپورٽ ۾ جن ادارن جو ذڪر ڪيو ويو آھي انھن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وڃي؟ ھن لاھور ۾ ايف بي آر جي ھڪ آفيسر بابت سنگين واقعو بہ بيان ڪيو جنھن مبينا طور تي ريفنڊز ۾ ڪرپشن لاءِ ھڪ ميمبر کان حصو گھريو ۽ حصو نہ ملڻ تي فائرنگ ڪئي.
چيئرمين سليم مانڊوي والا ٻين ميمبرن جي انڪشافن تي حيرت جو اظھار ڪيو، ڪميٽي فيصلو ڪيو تہ ايف بي آر جي ذڪر ڪيل ڪيس کي ايندڙ اجلاس تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت موقف اختيار ڪيو تہ رپورٽ ۾ گهڻا نقطا اھي آهن جن تي حڪومت اڳ ۾ ئي ڪم ڪري چڪي آهي، اختيارين موجب، هي رپورٽ آءِ ايم ايف جي سھڪار سان تيار ڪئي وئي آهي ۽ اثرائتي گورننس لاءِ ايڪشن پلان تي عملدرآمد ضروري آهي، جنھن کي 6 کان 10 مهينن اندر مڪمل ڪرڻو ھوندو، جڏھن تہ وڌ ۾ وڌ مدو ڏيڍ سال تائين آھي.
اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، خاص طور تي سينيٽر عبدالقادر، ايس آءِ ايف سي جي ڪارڪردگي، معاهدن جي کوٽ ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال تي پڻ شديد تنقيد ڪئي، سينيٽر فاروق ايچ نائيڪ حڪومت کان پڇيو تہ ڇا هو رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل ضابطگيون ۽ ادارن ۾ خرابيون تسليم ڪري ٿي، ڇو تہ الزام نهايت ئي سنجيدہ نوعيت جا آهن.
ناڻي واري وزارت واضح ڪيو تہ ڊائيگناسٽڪ رپورٽ مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ حڪومت اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي شعبن ۾ سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جون سفارشن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو…..