حڪومت عالمي مالياتي اداري کي خاطري ڪرائي آهي تہ ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ويندا، جن ۾ سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي شامل آهي۔
پاڪستان طرفان عالمي مالياتي اداري کي لکت ۾ آگاهہ ڪيو ويو آهي تہ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ جامع سڌارا آندا ويندا، قدمن تحت ڊسمبر 2026ع تائين سرڪاري آفيسرن جا اثاثن جا تفصيل عام ڪيا ويندا، جڏھن تہ جنوري 2027ع تائين نيب کي مڪمل خودمختياري ڏني ويندي۔
حڪومت موجب، نيب کي اداري طور آزادي ۽ عملي خودمختياري ڏيڻ لاءِ اعليٰ انتظامي عهدن تي مقرري لاءِ شفاف نظام متعارف ڪرايو ويندو، ان سان گڏ اداري جا ضابطا، ڪارڪردگي ۽ انگ اکر بہ عوام لاءِ جاري ڪيا ويندا، اهي سڀ قدم جنوري 2027ع تائين هڪ مقرر ڪيل ڍانچي تحت مڪمل ڪيا ويندا۔
حڪومت وڌيڪ يقين ڏياريو آهي تہ نيب سربراهه جي مقرري واري طريقيڪار جو ٻيهر جائزو وٺي ان کي وڌيڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻايو ويندو۔
تجويز ڪيل سڌارن تحت مقرري لاءِ واضح قابليت جا معيار مقرر ڪيا ويندا، جهڙوڪ تجربو ۽ ايمانداري، مقابلي واري ۽ ميرٽ تي ٻڌل چونڊ جو عمل اختيار ڪيو ويندو، جڏھن تہ هڪ گهڻ رخي ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ حڪومت، مخالف ڌر، عدليہ، سول سروس، تعليمي شعبي ۽ شهري سماج جا نمائندا شامل هوندا، جيڪي ڀرتي جي عمل جي نگراني ڪندا۔…