لائیو آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي تي نرمي جي درخواست ان انڪار ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاڪستان پاران پيٽروليم شين تي لاڳو ليِوي ۾ نرمي جي درخواست کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي، جيتوڻيڪ حڪومت ايران جنگ سبب عالمي سطح تي وڌندڙ تيل جي قيمتن جي اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آهي۔

ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف کي خميس ڏينهن آءِ ايم ايف جي شروعاتي ردعمل بابت آگاهہ ڪيو ويو، جنهن ۾ ليِوي جي ڍانچي ۾ ڪنهن بہ قسم جي رعايت جي حمايت نہ ڪئي وئي۔

تنهن هوندي بہ وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي کي هدايت ڪئي تہ هو ٻيهر آءِ ايم ايف سان رابطو ڪري ۽ عوام تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ نرمي جي تجويز ٻيهر پيش ڪري۔

ذريعن ٻڌايو تہ وزيراعظم زور ڏنو تہ عالمي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو مڪمل اثر صارفين تي منتقل ڪرڻ عوام لاءِ ”تمام گهڻو“ هوندو ۽ مهانگائي ۾ نمايان اضافو ٿي سگھي ٿو.

هن اقتصادي عملدارن کي چيو تہ هو سڀ ممڪن قدم غور هيٺ آڻين تہ جيئن هن صورتحال جي اثرن کي گهٽائي سگهجي، هي اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏھن حڪومت اڳ ئي آءِ ايم ايف کان پيٽروليم ليِوي ۾ تبديلي جي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھي هئي تہ جيئن عالمي قيمتن جو ڪجهہ بار عوام تي نہ پوي۔

وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي هئي تہ هو پيٽرول ۽ ڊيزل تي لاڳو ليِوي جي ڍانچي بابت آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرن، تہ جيئن ايران جنگ سبب وڌندڙ عالمي تيل جي قيمتن جو اضافي بار عوام تي نہ پوي۔

وزيراعظم چيو تہ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف سان هي معاملو اٿاري ته جيئن پيٽروليم قيمتن ۾ ضرورت موجب ڪا ايڊجسٽمينٽ ڪئي وڃي تہ ان کي موجوده آمدني سان متوازن بڻائي سگهجي۔

هن وقت حڪومت پيٽرول تي في ليٽر 100 رپيا ۽ ڊيزل تي في ليٽر 55 رپيا ليِوي لاڳو ڪري رھي آهي، جيڪي آءِ ايم ايف جي شرطن جو حصو آهي، حڪومت اڳ ئي صارفين کي رليف فراهم ڪري چڪي آهي، لڳ ڀڳ 129 ارب رپين جي سبسڊي ذريعي ٻارڻ جون قيمتون مستحڪم رکيو ويون آهن۔

ذريعن موجب، هي رليف ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ۽ ٻين خرچن ۾ بچت ذريعي ممڪن بڻايو ويو، جيڪو ظاهر ڪري ٿو تہ حڪومت عوام کي ٻاهرين ڌڪن کان محفوظ رکڻ لاءِ پرعزم آهي۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں