آءِ ايم ايف مشن جي آمد کان اڳ وڏو انڪشاف، غربت وڌي 28.8 سيڪڙو ٿي وئي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آءِ ايم ايف مشن جي آمد کان اڳ وڏو انڪشاف سامھون آيو آھي تہ پاڪستان ۾ غربت وڌي 28.8 سيڪڙو ٿي وئي آھي.

آءِ ايم ايف جي جائزي مشن جي آمد کان اڳ پاڪستان ۾ غربت جي حوالي سان ڳڻتي جوڳا انگ اکر سامھون آيا آھن.

تازي ڪاٿي موجب گذريل 6 سالن دوران ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ واڌارو ٿيو آھي ۽ مالي سال 2024-25 ۾ پاڪستان جي 28.8 سيڪڙو آبادي غربت ۾ ھيٺ آھي.

پاڪستان ۾ غربت جي سرڪاري انگ اکرن موجب سال 19-2018ع ۾ غربت جي شرح 21.9 سيڪڙو ھئي، پر گذريل 6 سالن دوران ان ۾ تقريبن 6.9 سيڪڙو جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

2024-25 جي تازي سروي تي ٻڌل ڪاٿن موجب ھاڻ ملڪ  ۾ غربت جي شرح 28.8 سيڪڙو تائين پھچي چڪي آھي، صوبائي سطح تي بہ غربت جي شرح ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آھي مان خاص  طور تي پنجاب ۽ سنڌ متاثر ٿيا آھن.

اعليٰ سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آھي تہ گذريل 6 سالن دوران آءِ ايم اي جي ٽن استحڪام پروگرامز, ڪورونا جي اثرن، ٻوڏ، مھانگائي، ڪڻڪ جا اگھ مقرر نہ ڪرڻ سميت مختلف عوامي سببن جي ڪري غربت جي سطح ۾ واڌاروٿيو آھي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں