ٽرمپ انتظاميہ آمريڪا ۾ گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: ٽرمپ انتظاميا آمريڪا ۾ گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي، درخواست ڏيندڙن کي هاڻي عام طور تي آمريڪا ۾ مستقل رھائش لاءِ ٻاهرين ملڪن مان درخواست ڏيڻي پوندي.

آمريڪي شھريت ۽ اميگريشن سروسز مطابق غير ملڪي ماڻھن جو آمريڪا ۾ مستقل رھائش يا گرين ڪارڊ وٺڻ چاھين ٿا تہ انھن کي عام طور تي آمريڪي پرڏيھي معاملن واري کاتي ذريعي آمريڪا کان ٻاھرکان ئي درخواست داخل ڪرڻي پوندي.

صرف انتھائي غير معمولي صورتحال ۾ ئي ڪنھن شخص لاءِ اسٽيٽس جي درخواست کي ايڊجسٽ ڪري سگھبو.

يو ايس سي آءِ ايس جي ترجمان زيڪ ڪاھلر چيو تہ آمريڪا ۾ عارضي طور تي رھندڙ اھڙا غير ملڪي ماڻھو جيڪي گرين ڪارڊ وٺڻ چاھين ٿا انھن کي پنھنجي وطن واپس وڃي درخواست ڏيڻي پوندي.

نئين گائيڊ لائن ۾ جن نان اميگرينٽس جو ذڪر ڪيو ويو آھي ان ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس، عارضي ورڪر ۽ سياح شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں