سنڌ ۾ ھيٽ ويو جو خدشو، ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

موسميات کاتي سنڌ ۾ ھيٽ ويو جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو.

موسميات کاتي سنڌ ۾ ھيٽ ويو جو خدشو ظاھر ڪندي ٻڌايو تہ 25 کان 31 مئي دوران گرمي پد معمول کان 6 ڊگري تائين وڌي سگھي ٿو.

موسميات کاتي مطابق سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچڻ جو امڪان آھي.

ان سان گڏ موسميات کاتي شھرين، آبادگارن ۽ بزرگن کي غير ضروري طور تي سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں