عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ھلائي ويندڙ پھرين خصوصي ٽرين اڄ ڪوئٽہ مان راولپنڊي جي لاءِ رواني ٿيندي.
ريلوي عملدارن مطابق پاڪستان ريلويز عيدالاضحيٰ تي ملڪ جي مختلف شھرن وچ ۾ 3 خصوصي ٽرينون ھلائڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
پاڪستان ريلوي جي ترجمان موجب پھرين خصوصي عيد اسپيشل ٽرين ڪوئٽہ مان راولپنڊي جي لاءِ اڄ صبح 10 وڳي رواني ٿيندي.
ترجمان موجب 8 اڪانومي بوگين ۽ ھڪ پاور وين تي ٻڌل عيد اسپيشل ٽرين سبي، جيڪب آباد، سکر، ملتان، لاھور کان ٿيندي 24 مئي تي راولپنڊي پھچندي، ٽرين ۾ 500 کان وڌيڪ مسافرن جي سفر ڪرڻ جي گنجائش ھوندي.
ترجمان مطابق پاڪستان ريلوي انتظاميہ عيد اسپيشل ٽرين جي وقت سر ۽ موثر آپريشن جي لاءِ تمام انتظام مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن.