ڪراچي ۾ ڊفينس موڙ ويجھو پيپلز بس جي ھيٺيان اچي ٻارڙو مارجي ويو.
ريسڪيو عملدارن مطابق مارجي ويل 12 سالن جي ٻار جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
ابتدائي طور تي مارجي ويل ٻار جي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي، سڃاڻپ جو عمل جاري آھي.
پوليس مطابق موٽر سائيڪل سوار جي پھريان رڪشا سان ٽڪر ٿي، موٽر سائيڪل جي پويان ويٺل ٻار روڊ تي ڪري پيو ۽ بس جي ھيٺيان اچي ويو.
حادثي بابت پوليس جو چوڻ آھي تہ بس ڊرائيور کي بس سميت حراست ۾ ورتو ويو آھي، موٽر سائيڪل سوار شخص رڪشا جو پيڇو ڪرڻ لاءِ ويو ھو جيڪو واپس نہ آيو.