سلمان علي آغا پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان سلمان علي آغا پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي ويو.

ذريعن موجب بنگلاديش سان مسلسل ٻي سيريز ۾ شڪست بعد قومي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

ذريعن مطابق سلمان علي آغا پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي قيادت جو مضبوط ترين اميدوار بڻجي ويو آھي ۽ ھو ويسٽ انڊيز جي خلاف جولاءِ ۾ شروع ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ ڪپتان ھوندو.

ٻئي طرف بنگلاديش جي خلاف سلھٽ ٽيسٽ ۾ شڪست بعد ڪپتان شان مسعود ۽ ٻين رانديگرن ۾ فاصلا پيدا ٿي ويا، وطن واپسي دوران پليئرز ۾ ڳالھ ٻولھ ۽ رابطي جو فقدان رھيو، شان مسعود فيملي سان مصروف رھيو.

ياد رھي تہ شان مسعود جي قيادت ۾ پاڪستان 16 ٽيسٽ کيڏيا جنھن مان صرف 4 کٽيا جڏھن تہ 12 ٽيسٽ ۾ شڪست کي منھن ڏيڻو پيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں