آمريڪي ڊائريڪٽر آف نيشنل انٽيليجنس تلسي گبارڊ عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو آهي.

نيوز ايجنسي مطابق، تلسي گبارڊ مڙس ۾ هڏن جي ڪينسر جي تشخيص ٿيڻ بعد عھدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، تلسي گبارڊ جي استعيفيٰ 30 جون کان لاڳو ٿيندي.

ان موقعي تي تلسي گبارڊ جو چوڻ ھو تہ مڙس کي ان مشڪل وقت ۾ تنھا نٿي ڇڏي سگھي، ھن استعيفيٰ ۾ مڙس جي محبت ۽ حمايت کي پنھنجي طاقت قرار ڏنو.

تلسي گبارڊ فيبروري 2025ع ۾ ڊائريڪٽر آف نيشنل انٽيليجنس مقرر ٿي ھئي، ھوءَ 18 آمريڪي انٽيليجنس ادارن جي وچ ۾ رابطي ڪاري جي ذميوارھئي، استعيفيٰ بعد نئين مقرري تي غور شروع ٿيڻ جو امڪان آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں