پاڪستان جون آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آھن ۽ انھي سلسلي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گھرو وزير محسن نقوي ايران ۾ موجود آھن.
ايراني عملدارن مطابق فيلڊ مارشل عاصم منير تھران ۾ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ، امن، استحڪام، مغربي ايشيا جي سيڪيورٽي بابت سفارتي ڪوششن تي ڳالھيون ڪيون.
ياد رھي تہ فيلڊ مارشل عاصم منير گذريل ڏينھن ايران جي دوري تي پھتو ھو جتي ايران جي گھرو وزير اسڪندر مومني سندس استقبال ڪيو ھو.
ٻئي طرف گھرو وزير محسن نقوي پھريان ئي ايران ۾ موجود آھي جتي ھن ايران جي ڪيترين ئي اھم شخصيتن سان ملاقاتون بہ ڪيون آھن ۽ آمريڪا سان جاري تڪرار ۾ گھٽتائي جي حوالي سان قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.